ستر مڻڪا

ستر مڻڪا

ستر مڻڪا

ستر مڻڪا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هند جي ممتاز ليکڪا ۽ شاعرِ، پارو چاولا جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ هن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ساميءَ جا چونڊ ستر ستر بيت ۽ سلوڪ شامل ڪيا آهن. هن هي ڪتاب پنهنجي مڙس، نامور سنڌي ڪهاڻيڪار ٺاڪر چاولا ۽ سندس دوست نامور شاعر موتي پرڪاش کي گڏيل طور سندن سترئين (70) جنم ڏينهن تي ارپيو آهي. هي ڪرائون سائيز جي ستر صفحن تي مشتمل ڪتاب، امرتا آنند پبليڪيشن، ممبئيءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ليکڪا ڪلا پرڪاش لکيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 65 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو